ديوانِ قادري

ديوانِ قادري

ديوانِ قادري

ديوانِ قادري (ڪتاب): هي ديوان مشهور شاعر فقير علي محمد قادريءَ جي ڪلام جو مجموعو آهي. ديوان ۾ غزل، رديفن ۽ حروف تهجيءَ جي حساب سان ترتيب ڏنل آهن. هر غزل جي مٿان ان جو عروضي وزن به ڄاڻايو ويو آهي. ديوان ۾ سنڌي غزلن کان سواءِ هڪ مستزاد، هڪ مثلث، ٽي مخمس، هڪ مسدس، هڪ قصيدو، هڪ سلام، ٻه ٽيهه اکريون/ سه حرفيون، سترهن قطعا، ست رباعيون ۽ پنج فارسي غزل شامل آهن. ديوان ۾، فرهنگ ديوان قادري (ڏُکين لفظن جي معنيٰ)، صوفين ۽ عارفن لاءِ ديوان قادريءَ جي لفظن جي حقيقي معنيٰ، علم عروض جي مختصر سمجهاڻي ۽ آخر ۾ ديوان جي اشاعت بابت ماستر جمعي خان غريب، محمد صديق مسافر، غلام احمد نظامي، ميان عبدالوهاب ناظم، حاجي محمود ’خادم‘، ميان دوست محمد ’دوست‘ ۽ ٻين جون قطع تاريخون به ڏنيون ويون آهن.
ڪتاب جي شروعات ۾ فقير علي محمد قادريءَ جي چار رنگي پينٽ ٿيل خوبصورت تصوير ڏني وئي آهي.
ڪتاب ۾ ’پنهنجي پاران‘ ذوالفقار علي قادريءَ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مهاڳ ’ديوان ۽ صاحبِ ديوان‘ جي سري سان فقير ميان غلام عباس قادري ’جوش‘ جو لکيل آهي.
ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي، پير حسام الدين شاهه راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا تاثرات شامل آهن.
هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1939ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز ۾، 312 صفحن تي مشتمل، ’قادري قلم قبيلي‘ طرفان 2005ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو